اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ضرورت پئي ته طالبان رجيم کي شڪست ڏئي دنيا لاءِ مثال بڻائي سگهون ٿا.
ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته افغان طالبان رجيم مسلسل ڀائر ملڪن کي ڳالهين جي درخواست ڪري رهي هئي ۽ ڀائر ملڪن جي درخواست تي ئي پاڪستان افغان طالبان رجيم سان امن خاطر ڳالهين جي آڇ قبول ڪئي.
هن چيو ته ڪجهه افغان اختيارين جا زهريلا بيان اهو ظاهر ڪن ٿا ته طالبان رجيم ۾ دوکيبازي موجود آهي، پاڪستان اهو واضح ڪري ٿو ته طالبان رجيم کي ختم ڪرڻ يا انهن کي غارن ۾ لڪڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي پنهنجي ڀرپور طاقت استعمال ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته انهن کي شڪست ڏئي ماڻهن لاءِ مثال بڻائي سگهون ٿا، جيڪو عالمي دنيا لاءِ دلچسپ منظر هوندو، افسوس ته طالبان رجيم رڳو پنهنجي قابض حڪمراني ۽ جنگي معيشت کي بچائڻ لاءِ افغانستان کي هڪ ٻئي تڪرار ڏانهن ڌڪي رهي آهي.
خواجا آصف چيو حقيقت اها آهي ته افغانستان طالبان جي ڪري پنهنجي ئي ماڻهن لاءِ هڪ قبرستان کان گهٽ ناهي، تاريخي اعتبار سان افغانستان سلطنتن جو قبرستان ته ناهي رهيو پر سدائين وڏين طاقتن جي راند جو ميدان ضرور رهيو آهي، طالبان جا اهي ويڙهاڪ جيڪي خطي ۾ بدامني پکيڙڻ ۾ پنهنجو ذاتي فائدو ڏسي رهيا آهن، سمجهي ڇڏين ته شايد انهن پاڪستاني عزم ۽ حوصلي کي غلط انداز ۾ ورتو آهي.
هن چيو جيڪڏهن طالبان رجيم وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته دنيا ڏسندي انهن جون ڌمڪيون رڳو ڏيکاءُ هيون، پاڪستان پنهنجي سرزمين تي ڪنهن به دهشتگرد يا آپگهاتي حملي کي برداشت نه ڪندو ۽ ڪنهن به اڳرائي جو سخت جواب ڏنو ويندو، طالبان رجيم کي گهرجي ته پنهنجي انجام جو حساب ضرور رکي، ڇو ته پاڪستان جي عزم ۽ صلاحيتن کي آزمائڻ انهن لاءِ مهانگو ثابت ٿيندو.
ضرورت پئي ته طالبان رجيم کي شڪست ڏئي دنيا لاءِ مثال بڻائي سگهون ٿا: خواجا آصف
You might also like