سون جو وڏو ٽپو، هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ مسلسل لاٿ کانپوءِ اڄ وڏي واڌ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3500 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 19 هزار 862 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 59 هزار 963 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 35 ڊالر واڌ سان 3975 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.