جنهن جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ جاءِ ئي نٿي ٺهي ان کي ڪپتان بڻايو ويو: ڪامران اڪمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل ڏکڻ آفريقا هٿان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست جو ذميوار ڪپتان ۽ ڪوچ سميت سليڪشن ڪميٽي کي به قرار ڏئي ڇڏيو.
ڏکڻ آفريقي ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 55 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي ماڻي ورتي، پاڪستان ٽيم جي شڪست تي اڳوڻو ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل ڪاوڙجي پيو.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته جنهن رانديگر جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ جاءِ به نٿي ٺهي ان کي ڪپتان بڻايو ويو آهي.
هن چيو ته جنهن وقت سلمان آغا کي ڪپتان چونڊيو ويو هو ته سڀ کان وڌيڪ گوڙ ٿيو، مان به ان وقت چيو هو ته سلمان آغا کي ڪپتان بڻائي زيادتي ڪئي پئي وڃي، جنهن رانديگر جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ جاءِ ئي نٿي ٺهي ان کي ڪپتان بڻايو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هاڻ به ڪو ٻيو سٺو ڪپتان مقرر ڪيو وڃي ته ٽيم پرفارم ڪري سگهي ٿي، ڏکڻ آفريقا هٿان شڪست جا ذميوار ڪپتان، ڪوچ، سليڪشن ڪميٽي سڀ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.