اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان غزا ۾ اسرائيل جي تازن حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل جون اهي ڪارروائيون عالمي قانونن ۽ تازو طئي ٿيل امن معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي آهي، اسرائيلي فوج جا اهڙا جارحاڻا قدم خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ جاري عالمي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيا آهن.
پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل طرفان جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي روڪرائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو وڃي.
پرڏيهي کاتي چيو ته پاڪستان هڪ آزاد، خود مختيار ۽ مستحڪم فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو، جنهن جو تخت گاهه القدس شريف هجي.
You might also like