لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن کي ڪرڪيٽ ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ سر جي لقب سان نوازيو ويو، اهو لقب ونڊسر محل ۾ هڪ تقريب ۾ شهزاري اين کيس عطا ڪيو.
43 ورهين جي جيمز اينڊرسن پنهنجي 22 ورهين جي ڪيريئر جي پڄاڻي گذريل سال جولاءِ ۾ لارڊز جي تاريخي ميدان تي ڪئي هئي.
ان عرصي ۾ هن 188 ٽيسٽ، 191 ون ڊي ۽ 19 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ انگلينڊ جي نمائندگي ڪندي ترتيب وار 704، 269 ۽ 18 وڪيٽون حاصل ڪيون.
هو انگلينڊ طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر آهي، جڏهن ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙن جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي آهي.
You might also like