اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پهرين نومبر کان تيل اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي، ان حوالي سان اوگرا سمري تيار ڪري ورتي آهي.
پاڪستان ۾ پهرين نومبر کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ تيل اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي لاءِ سمري تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا 31 آڪٽوبر تي ناڻي واري وزارت کي موڪلي ويندي.
وزيراعظم جي حتمي منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزارت نون اگهن جو اعلان ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 2.35 رپيا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2.50 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.
You might also like