نيوزيلينڊ 17 ورهين کانپوءِ هوم گرائونڊ تي انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز کٽڻ ۾ ڪامياب

هيملٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي ٽيم انگلينڊ کي 17 ورهين کانپوءِ پنهنجي هوم گرائونڊ تي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
هيملٽن ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي انگلينڊ جي ٽيم 36 اوورن ۾ 175 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جمي اوورٽن 42 ۽ ڪپتان هيري بروڪ 34، روٽ 25 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
نيوزيلينڊ طرفان بليئر ٽڪنر 4، نيٿن سمٿ 2، جڏهن ته جيڪب ڊفي، ذاڪري فوڪس، مچل سينٽنر ۽ بريسويل هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 33.1 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، ڊيرل مچل 56، راچن رويندرا 54، مچل سينٽنر 34 رنسن جي اننگز کيڏي.
انگلينڊ طرفان جوفرا آرچر 3، جمي اوورٽن ۽ عادل رشيد هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ڪيوي ٽيم 3 ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي، ٻنهي ٽيمن ۾ آخري ميچ جمعي تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم انگلينڊ خلاف آخري ڀيرو پنهنجي هوم گرائونڊ تي 2008 ۾ ون ڊي سيريز کٽي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.