بجلي واهپيدارن کي 4 ارب 50 ڪروڙن جو رليف ملڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي درخواست تي بجلي واهپيدارن کي 4 ارب 50 ڪروڙ رپين جو رليف ملڻ جو امڪان آهي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ سيپٽمبر 2025 جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي.
ٻڌڻي دوران سيٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) اختيارين ٻڌايو ته سيپٽمبر ۾ بجلي جي کپت ۾ مجموعي طور تي 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته چائنا پاور حب جنريشن ڪمپني مان ان دوران بجلي پيدا نه ڪئي وئي.
سي پي پي اي 37 پيسا في يونٽ لاٿ جي درخواست ڏني، جنهن جي منظوري جي صورت ۾ واهپيدارن کي 4 ارب 50 ڪروڙ رپين جو رليف ملڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.