ڪراچي ۾ ڪيميڪل وارو کير وڪرو ڪرڻ تي 27 دڪان سيل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪيميڪل وارو کير وڪرو ڪرڻ تي وڌيڪ 7 دڪان سيل ڪيا ويا جنهن کانپوءِ سيل ڪيل دڪانن جو انگ 27 ٿي ويو. ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي جي پڌرائي موجب 3 دڪان ضلعي ڏکڻ، 3 اوڀر ۽ هڪ ملير ۾ هو. ٻن ڏينهن ۾ 27 دڪان سيل ڪيا ويا. ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته کير جي معيار جي چيڪنگ ۽ ملاوٽ خلاف مهم جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.