ڪنڌڪوٽ ڀرسان چورن هٿان قتل ٿيل گهر ڌڻي جو لاش رکي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ڀرسان چورن ھٿان قتل ٿيل گھر ڌڻي شيرباز گولو جو لاش رکي انڊس هاءِ ويتي ڌرڻو هنيو ويو، ڳوٺ نبي بخش گولو ۾ چور مينھون چوري ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻي علي حسن جي گھر ۾ داخل ٿيا ته گھر ڌڻي جاڳي پيا، چورن ڀاڳين مٿان سڌي فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ گھر ڌڻي شيرباز گولو موقعي تي قتل ٿي ويو هو، قتل ٿيل شيرباز گولو جو لاش انڊس ھاءِ وي تي رکي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو،  روڊ بلاڪ ھجڻ ڪري سنڌ کان ٻين صوبن پنجاب، بلوچستان، خيبر خيبرپختونخواھ ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند رھيو جنهن بعد پوليس عملدارن انصاف جي خاطري ڪرائي قاتل گرفتار ڪرڻ جو واعدو ڪيو جنهن بعد مقتول جا وارث ڌرڻو ختم ڪري لاش ڳوٺ کڻائي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.