عالمي برادري آفتن سبب پاڪستان کي پهتل نقصان جي ازالي لاءِ پنهنجو حصو وجهي: وزيراعظم

رياض (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي، ان آفت سان ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو حصو وجهڻو پوندو. رياض ۾ فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي ترقي جي ويزن جي آجيان ڪيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان ملڪي ترقي لاءِ انقلابي قدم کڻي رهيا آهيون ۽ مختلف کاتن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي. سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ ۽ ڪلائوڊ برسٽ جو شڪار ٿيو، موسمياتي تبديلين اڳيان بيوس آهيون، پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هر هر قرض وٺڻ سان معيشت ڪمزور ٿي ويندي آهي. وزیراعظم شہباز شریف چيو   تہ پاڪستان موسمياتي تبديلي سان سخت متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي، سال 2022 ۾ اسان بدترين ٻوڏ ۽ ڪلائوڊ برسٽ جو سامنا ڪيو، بدترين ٻوڏ جي صورتحال ۾ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا، ماڻهن جي گهرن کي نقصان پهتو ۽ قيمتي جانين جو زيان ٿيو، هن سال به پاڪستان کي مجموعي طور تي 130 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان تيزي سان اي آءِ ڏانهن وڌندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، ڪوشش آهي ته پاڪستان جي زراعت کي ٽيڪنالاجي سان جوڙيو وڃي. شهباز شريف چيو ته اسان پنهنجي غلطين سان سکي اڳتي وڌي رهيا آهيون، ايف بي آر ۾ سڌارا ڪري مڪمل ان کي ڊجيٽلائز ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪرپشن گهٽي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.