تاجڪستان ڀارت کان عيني ايئربيس خالي ڪرائي ڇڏيو

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت تاجڪستان جي درخواست تي واخان ڪوريڊور جي ويجهو واقع عيني (گيسار) ايئر بيس خالي ڪري ڇڏيو، جتي ڀارتي فضائيا گذريل ٻن ڏهاڪن کان موجود هئي. ڀارت جي ٻن اعليٰ آفيسرن موجب، ڀارتي فضائيا کي پنهنجي فوجي اثاثن سان گڏ عيني ايئربيس مان نڪرڻو پيو،اهڙي ريت ڀارت اهم اسٽريٽجڪ مرڪز وڃائي ويٺو. تاجڪستان ڪجهه مهينا اڳ ڀارت کي بيس خالي ڪرڻ جو چيو هو جڏهن ته ڀارت تاجڪستان کي جهاز ڏيڻ جي به آڇ ڪئي پر تاجڪستان پنهنجي موقف تان نه هٽيو. ڀارت ايئربيس تي 70 ملين ڊالر سيڙپڪاري ڪئي هئي ۽ 150 کلن ملازم موجود هئا. اهو پاڪستان خلاف اسٽريٽجڪ دٻاءُ هو. ذريعن موجب پاڪ ڀارت تڪرار کانپوءِ روس ۽ چين پاڪستان جو ساٿ ڏيندي تاجڪستان کي ڀارت کان بيس خالي ڪرائڻ جو چيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.