ڪچي يا پڪي جا ڌاڙيل ختم ڪيئن ڪجن

تحرير:اعجاز ممنائي

ڪجهه ڏينهن کان خبرون عام آهن ته سنڌ حڪومت جي سرينڊر پاليسيءَ تحت ڪچي جا خطرناڪ ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي پوليس حوالي ڪري رهيا آهن. هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن ۾ ڪيترائي بدنام ۽ ڪجهه اهڙا به آهن جن جي سر جي قيمت لڳايل آهي. اسان جو ملڪ جڏهن کان آزاد ٿيو آهي ڪچي ۾ ڏوهارين جو پيدا ٿيڻ ان کان به اڳ جي ڳالهه آهي. اڳي درياهه موجن سان وهندو هو ۽ درياهه جي ٻنهي ڪپن تي ٻيلا هوندا هئا جتي ڏوهاري ماڻهو ڏوهه ڪري يا ماڻهو اغوا ڪري انهن ٻيلن ۾ رهندا هئا ۽ ڀنگ عيوض ماڻهن کي آزاد ڪندا هئا۔ ٻيلن ۾ پوليس آپريشن ڪرڻ به اوکو هوندو هو اتي گهاٽا جهنگ ڏکيا پيچرا ۽ ڏوهارين جون پناهگاهون هجڻ ڪري ڏوهاري آسانيءَ سان وڌندا ويجهندا رهيا آهن. انڪري ڪچو هميشه حڪومتن جي لاءِ ڏکيو علائقو رهيو ۽ ڏوهارين خلاف ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار نه هو ان جو هڪ سبب اهو به هو ته انهن ڏوهارين جي سرپرستي ڪرڻ وارا، مقامي سياستدانن ۽ بااثر وڏيرا رهيا اهي انهن ڏوهاري ماڻهن کي ذاتي مفادن لاء استعمال ڪندا رهيا انڪري انهن رياست جي رٽ کي ڪمزور ڪيو ۽ ڏوهاري طبقو ڌاڙيلن جي صورت ۾  ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندو رهيو۔ وقت گذرندي درياهه جون موجون به ختم ٿي ويون ۽ ڪچي جا ٻيلا به ڪاٽي سندن وجود ئي ميساري ڇڏيو پوءِ ڏوهاري ماڻهن پڪي جي مختلف علائقن ۾ پنهنجا ديرا ڄمايا ۽ جيئن جو تيئن ڏوهه ڪندا رهيا پر سندن ڏوهه ڪرڻ جو انداز الڳ رهيو۔ اڳ رڳو ڀنگ جي لاء ماڻهو اغوا ڪيا ويندا هئا پر هاڻي گاڏيون ڦر ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي روزانو سڄي سنڌ مان سوين گاڏيون ڦر ٿين ٿيون، ڦر دوران مزاحمت تي ڪيترائي ماڻهو ماريا وڃن ٿا پر ڪنهنجو به پيرو نه ٿو لڳي۔ان جو مطلب ته ڪچي جي سوين ڌاڙيلن مان هاڻي پڪي تي هزارين ڌاڙيل پيدا ٿي ويا آهن جن جي پوليس سميت ڪنهنکي به خبر ناهي۔

هن وقت حڪومت جي نئين سرينڊر پاليسي جي تحت هڪ وڏي ڌاڙيلن جي گروهه جو سرينڊر ڪرڻ عوام جي لاءِ هڪ سٺي خبر آهي، پر عوام جي لاءِ اها خبر تڏهن واقعي هڪ خوشخبري بڻجي ويندي جڏهن هڪ عام مقامي ماڻهو يا اتان لنگهندڙ ڪوبه شخص انهن روڊن ۽ رستن تان لنگهندي پنهنجو پاڻ کي محفوظ محسوس ڪندو ۽ ان کي اهو ڊپ نه هوندو ته سندس گاڏيءَ کي بيهاري ڦريو ويندو يا کيس گاڏي مان لاهي اغوا ڪري ڪچي ۾ لاٿو ويندو ۽ پوءِ سندس پونئرن کان ڀنگ وصول ڪرڻ لاءِ گهر ڪئي ويندي. هن وقت ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ۽ ٽيڪنالاجي موجود آهي، پر ان جي باوجود اسان جي  فورسز آپريشن ڪري انهن کي سرينڊر ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي ڏوهاري ڏوهن مان تنگ ٿي هٿيار ڦٽا پيا ڪن يا حڪومت جي بهترين ڪارڪردگي ڏسي هٿ مٿي ڪيا اٿائون ڇوته ماضيءَ ۾ به ان قسم جا قدم کنيا ويا آهن. ڌاڙيلن کي عام معافي ڏني وئي آهي، پر انهن جي بحالي جي سلسلي ۾ غير سنجيدگيءَ سبب هڪ دفعو ٻيهر پهرين کان وڌيڪ ڌاڙيل پيدا ٿي ماڻهن جي لاءِ عذاب بڻجي چڪا آهن.شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ بدامني جي فضا ايتري ته وڌي ويئي آهي جو ائين پيو محسوس ٿئي ته هر گهر ۾ ڌاڙيلن جا ڪٽڪ ويٺل آهن جن مان جن ڇڏائڻ ناممڪن آهي۔ سال 2025ع جي نئين پاليسي تحت ممڪن آهي ته پهرين پاليسيءَ کان نتيجا مختلف نڪرن. جيئن ته ماضيءَ ۾ ڌاڙيلن کي عام معافي ڏئي نرمي ڪئي وئي، پر هينئر ڌاڙيلن جو قانوني احتساب لازمي آهي، ان کان اڳ ڌاڙيلن جي خاندانن کي به تنگ ڪيو ويو، پر هينئر نئين پاليسي تحت انهن جي گهر ڀاتين کي تحفظ ڏنو ويندو. جڏهن ته ماضيءَ ۾ بحالي جو پروگرام محدود ۽ ڪمزور هو، پر هينئر معاشي بحالي ۽ ترقي جو بهتر پروگرام جوڙيو ويو آهي. ان کان علاوه ماضيءَ ۾ ڪمزور يا وقتي آپريشن ڪيا ويا، جڏهن ته هينئر بلڪل ان جي ابتڙ قدم کنيا ويا آهن. ان کان اڳ ڪارڪردگي ۾ شفافيت ۽ مانيٽرنگ گهٽ هوندي هئي، هينئر اسان کي سياسي عزم ۽ مانيٽرنگ جي لاءِ حڪومت پر عزم نظر اچي ٿي. سٺي ڳالهه اها آهي ته حڪومت هڪ بهتر پاليسي جوڙي آهي، جنهن ۾ ڏوهارين جو قانون جي ذريعي احتساب ڪيو ويندو ۽ احتساب جي پيچرن مان گذرندڙ ڌاڙيلن کي ان ڳالهه جي پڪ هوندي ته سندن خاندان پٺيان محفوظ آهن ۽ انهن کي معاشي تحفظ پڻ حاصل آهي، جنهن جو اثر سٺو نڪرندو ۽ جڏهن اهي پنهنجون سزائون پوريون ڪري ٻاهر نڪرندا ته اهي پنهنجو پاڻ کي نفسياتي طور آجو محسوس ڪندا ۽ ٻيهر اچي هڪ صاف سٿري قانون مطابق زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪندا.ان سان گڏوگڏ حڪومت کي گهرجي ته اتي صحت ۽ تعليم جي لاءِ سٺو انفرا اسٽرڪچر جوڙي ته جيئن انهن جا ٻار سٺي تعليم حاصل ڪري سگهن، انهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، روڊ ۽ رستا ٺاهي انهن کي شهرن سان ڳنڍيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجو پاڻ کي ملڪ جي ٻين حصن سان ڳنڍي هڪ بهتر زندگي گذارڻ لاءِ متحرڪ ٿي سگهن.ان سان گڏ انهن ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ سياستدانن ۽ مقامي وڏيرن خلاف مهم هلائي مٿن ڪيس داخل ڪيا وڃن جيڪي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کي ڏوهه ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.