رياض (م ڊ) رياض ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ موجود هو، قصرِ يمامه پهچڻ تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس وفد جو گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، باهمي دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيال ونڊيا ويا۔ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي، ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي خاص دعوت تي رياض پهتو آهي، جتي هو فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو جي نائين ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو، وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس دوران ٻين عالمي اڳواڻن ۽ بين الاقوامي ادارن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.