غزا ۾ جوڙيل عالمي فورس ۾ پاڪستاني فوجي شامل ٿي سگهن ٿا\اسرائيلي اخبار

يروشلم(م ڊ) اسرائيلي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته غزا  ۾ امن  قائم ڪرڻ لاءِ ٺاهيل بين الاقوامي فورس ۾ پاڪستان جا فوجي دستا پڻ شامل ٿي سگهن ٿا. اسرائيلي اخبار  ٽائمز آف اسراِئيل دعویٰ ڪئي آهي ته غزا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ جوڙيل بين الاقوامي فورس ۾ پاڪستان جا فوجي دستا پڻ شامل ٿي سگهن ٿا۔ رپورٽ مطابق اسرائيلي بچاءُ وارن عملدارن قانون سازن کي ٻڌايو آهي ته غزا ۾ 2 سالن جي جنگ کانپوءِ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ جيڪا بين الاقوامي فورس ٺاهڻ جو منصوبو آهي، ان ۾ پاڪستان، انڊونيشيا ۽ آذربائيجان جا فوجي دستا شامل ٿي سگهن ٿا۔  انڊونيشيا اڳ ۾ ئي پنهنجي فوج رواني ڪرڻ جي پيشڪش ڪري چڪو آهي، جڏهن ته اسرائیلي اخبارمطابق آذربائيجان پڻ پنهنجي فوج فراهم ڪرڻ لاءِ آمادگي ڏيکاري چڪو آهي۔ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني فوج جي شموليت بابت هن وقت تائين باضابطه طور تي ڪو اعلان يا عوامي سطح تي ڪو ذڪر ناهي ڪيو ويو.  اطلاعات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ غزہ ۾ پاڪستاني فوج جي مقرري بابت چيو آهي ته ان جي بابت پرڏيهي وزارت جواب ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.