شهبازشريف دور ۾ پاڪستان معاشي ترقي ڇو نه پيو ڪري؟

اسلام آباد(بي بي سي ) پاڪستان ۾ گذريل ٽن سالن دوران سراسري معاشي واڌ جي شرح صرف 1.5 سيڪڙو رهي آهي، جنهن جو وڏو سبب صنعتي پيداوار ۾ شديد گهٽتائي بيان ڪئي پئي وڃي۔ماحولي تبديلين، غير متوقع برساتن ۽ تباهه ڪندڙ ٻوڏن سبب زرعي شعبي کي وڏو نقصان پهتو آهي، جڏهن⁠ته  صنعتي ترقي کي به رڪاوٽن جو منهن ڏيڻو پيو آهي۔انهيءَ ڪري ڪيترين ئي ڪارخانن جي بندش سان گڏ بيروزگاري ۽ غربت ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جنهن سان ملڪ ۾ معاشي بيچيني وڌيڪ وڌي وئي آهي،انهن ئي حالتن کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت صنعتن جي بحالي ۽ برآمد۾ واڌ لاءِ اٺ (8) ورڪنگ گروپ قائم ڪيا آهن، جن ۾ سرڪاري اختيارين سان گڏ نجي شعبي جا ماهر ۽ ڪاروباري نمائندا به شامل آهن۔ماضي وانگر، هن ڀيري به حڪومت کي اقتصادي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪيترائي منصوبه تيار ڪيا ويا، پر نتيجا اميدن موجب نه مليا۔گذريل سال برطانوي ماهرِ معيشت اسٽيفن ڊرڪون پاڪستان حڪومت کي “معاشي ٽرانسفارميشن پلان” پيش ڪيو هو، جڏهن⁠ته  حڪومت پاڻ به “اُڙانِ پاڪستان” نالي پروگرام متعارف ڪرايو هو۔ پر انهن قدمن باوجود معاشي واڌ ۽ برآمد ۾ ڪو به نمايان اضافو نه ٿي سگهيو۔ماهرن موجب، پاڪستان ۾ هر چوٿون شهري غربت جو شڪار آهي، ۽ سوال اڃا اهو آهي ته ملڪ اهڙي صورتحال تائين ڪيئن پهتو؟تجزياتي انگ اکرن مطابق، اپريل 2022 ۾ تحريڪِ انصاف جي حڪومت جي خاتمي وقت پاڪستان جي معاشي اوسر جي شرح  6 سيڪڙو هئي، پر ان کان پوءِ حالتون تيزيءَ سان بگڙيون:مالي سال 2023 ۾ شرحِ نمو صرف 0.3٪ رهي،2024۾ 2.5٪،۽ 2025 ۾ به ويجھي ويجھي 3٪ تائين محدود ٿي وئي۔انهيءَ عرصي دوران برآمدبه منجمد رهي — مالي سال 2022 جي پڇاڙيءَ تائين پاڪستان جي برآمد 32 ارب ڊالر هيون، ۽ جون 2025 تائين به ساڳي سطح تي بيٺل آهن، يعني ڪو به حقيقي اضافو نه ٿيو۔ٻي پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته صنعتي پيداوار ۾ به تيز لاٿ آئي آهي،2022۾ وڏي صنعتن جي پيداوار ۾ 11.8٪ واڌ ٿي هئي،۽ 2025 تائين صرف 0.74٪ جي پيداوار بچي رهي۔وفاقي وزير براءِ صنعت ۽ پيداوار هارون اختر خان چيو آهي ته اها حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ بجلي ۽ گئس جا اگهه تمام گهڻا ٿي ويا آهن،وياج شرح  ۽ ٽيڪسن جي شرح به وڌيڪ آهي، هن تسليم ڪيو ته پاڪستان جو صنعتي شعبو انهن سببن جي ڪري مقابلي واري صورتحال ۾ ناهي، ناڻي واري اڳوڻي وزير  ڊاڪٽر سلمان شاهه بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته “اصل مسئلو سياسي عدم استحڪام هو، جنهن معاشي واڌ کي متاثر ڪيو۔” پي ڊي ايم حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ ۾ پنج کان ڇهه مهينا دير ڪئي، جنهن سبب معاشي صورتحال وڌيڪ بگڙجي وئي۔, هن چيو ته ٽيڪسن جي واڌ سبب  ملڪ ۾ سيڙپڪاري بيهي وئي، ۽ هاڻي جڏهن حڪومت ورڪنگ گروپ ٺاهي رهي آهي ته ان جو مطلب آهي ته ايتري عرصي کان ڪا واضح معاشي حڪمت عملي موجود نه هئي۔”تحريڪ انصاف دور جي ناڻي کاتي جي  ترجمان مزمل اسلم چيو ته عمران خان جي دور ۾ 6 سيڪڙو معاشي واڌ صنعت ۽ زراعت جي ڪارڪردگي جي بنياد تي حاصل ٿي هئي، جڏهن ته موجوده حڪومت جي دور ۾ پاڪستان “دنيا جو مهانگو ترين ملڪ” بڻجي چڪو آهي، جتي صنعتي ۽ زرعي ترقي تقريباً ختم ٿي چڪي آهي۔. معاشي ماهر پروفيسر شاهده وزارت ٻڌايو ته موجوده اڪنامڪ ماڊل ڊليور نه پيو ڪري،ان لاءِ ضروري آهي ته پاليسي آءِ ايم ايف بدران پاڪستان اندر بڻجي،ناڻي واري اڳوڻي وزير ڊاڪٽر حفيظ پاشا چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ سان معاشي استحڪام حاصل ٿيو پر ان لاءِ ٽيڪس وڌائڻو پيو ۽ ترقياتي بجيٽ گهٽ ڪرڻو پيو،گهٽ معاشي اوسر سبب اڄ ملڪ ۾ 22 سيڪڙو تائين بيروزگاري شرح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.