فيض محمد برفت ڳوٺ ۾ هفتي دوران گيسٽرو سبب 9 جانيون ضايع

ملير/ ڄامشورو (عوامي آواز نيوز) صحت کاتي جي اربين رپيا بجيٽ هجڻ جي باوجود ماڻهو گيسٽرو وبا جي ور چڙهي زندگيون ضايع ڪري رهيا آهن، ڪراچيءَ جي دنگ ڊسٽرڪٽ ڄامشوري جي فيض محمد برفت ڳوٺ ۾ انساني الميو پيدا ٿيو ته گيسٽرو سبب 9 انساني زندگيون ضايع ٿي ويون پر صحت کاتي جي لاپرواهي بدانتظامي سبب معصوم زندگيون ضايع ٿي ويون، ان سلسلي ۾ ذريعن موجب گڏ ڪيل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ فيض محمد برفت ۾ گذريل هڪ هفتي دوران عورتن ٻارڙن سميت 8 کان 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ مھر علي ولد محمد خان، عمر 24 سال، سڪيـلدهي بنت محمد حسن، عمر 12 سال، فاظمه بنت فضل الدين، عمر 12 سال، عبدالمجيد ولد بشير احمد، عمر 8 سال، وقاص ولد وڪيل احمد، عمر 6 سال ڌي محمد هاشم، عمر 9 سال شامل آهن، مقامي ذريعن موجب علائقي ۾ 25 کان 30 ماڻهو وڌيڪ گيسٽرو ۾ مبتلا آهن، جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، پر علاج لاءِ ڪا به مناسب سهولت موجود نه آهي،  ٿاڻي بولا خان جي ڳوٺ فيض محمد ۾ انتظاميا پاران گيسٽرو سبب 7 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، ڊي ايڇ او جو چوڻ آهي ته ڳوٺ فيض محمد ۾ هفتي دوران 7 ڄڻا گيسٽرو سبب فوت ٿيا آهن، شروعاتي جاچ موجب علائقي ۾ خراب پاڻي پيئڻ سبب ماڻهو گيسٽرو سبب متاثر ٿيا آهن، هن چيو ته علائقي ۾ ڪيمپ قائم ڪري متاثر ماڻهن جو علاج شروع ڪيو ويو آهي،  ٻئي پاسي ڳوٺ ۾ گيسٽرو سبب ٿيل فوتگين جي اطلاع تي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي هدايت تي صحت کاتي متاثر علائقي ۾ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪري ورتي، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ٻڌايو ته متاثر ڳوٺ ۾ ملير ۽ چامشوروضلعن جون گڏيل ٽيمون اتي ڪم ڪري رهيون آهن، اسپتالن ۾  24 ڪلاڪ ايمرجنسي سروس فعال ڪئي وئي آهي ۽ عملي کي هر وقت تيار رکيو ويو آهي، متاثر ڳوٺ فيض محمد برفت ۾ شروعاتي رپورٽن موجب 7 کان 10 ڏينهن اڳ هڪ فوتگي سبب زمين جي گدلي پاڻي ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار شين جي استعمال سبب وبا پکڙجي وئي آهي.

حيدرآباد ۾ ڊينگي متاثر وڪيل جو پٽ فوت، وڪيلن جي ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڊينگي متاثر نامياري وڪيل عامر لطف زرداري جو پٽ حسنين زرداري سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو، ڊينگي جي روڪٿام نه ڪرڻ ۽ نوجوان جي علاج ۾ مبينه غلفت جو الزام لڳائي حيدرآباد جي وڪيلن ڊسٽرڪٽ ڪورٽ کان ريلي ڪڍي ڊي سي هائوس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي دوران ڳالهائيندي عامر لطف زرداري چيو ته سندس پٽ ڊينگي سبب بيمار ٿيو هو، جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد پهچايو ويو، کيس انفيڪيشن ٿي ويو هو. هن ٻڌايو ته سندس پٽ کي ميڊيڪل وارڊ ۾ داخل ڪرڻو هيو، پر سول اسپتال حيدرآباد جي ڊاڪٽرن ان کي آئسيوليشن وارڊ ۾ رکيو، جتي صبح جو 9 وڳي کان شام جو 3 وڳي تائين سندس علاج نه ڪيو ويو، جنهن دوران سندس پٽ جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي، بعد ۾ ان کي آءِ سي يو وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو. هن چيو ته آئسيوليشن وارڊ ۾ سندس پٽ جو علاج ڪرڻ بجاءِ ڊاڪٽر فون تي ميسيجز ڪندا رهيا، هو دانهون ڪندو رهيو پر سندس پٽ ڏانهن ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، جنهن ڪري ڊاڪٽر ئي سندس پٽ جي موت جا ذميوار آهن، ڊاڪٽرن تي ڪيس داخل ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.