هر شهر، وسنديءَ، علائقي، رياست يا ملڪ جي تاريخ ٿئي ٿي ۽ هر ماڳُ، اتهاس جا ڪئين ٿاڪَ اُڪرِي موجوده حالت تائين پهتل هوندو آهي. هر ماڳ جي تاريخ جا هونئن ته ڪئين پرتَ يا ورق ٿين ٿا، پر ان جي پهرين ورق تي ان جو پراڻو نالو ۽ قدامت ئي لکيل هوندي آهي. اڄ اچو ته سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي ڪجهه مک شهرن ۽ ڪجهه ملڪن جا اهي پهريان ورقَ جانچي رڳو ايترو ڄاڻون ته مُک شهرن ۽ علائقن جا اڳ ۾ نالا ڪهڙا هئا.
اها ته اسان سڀني کي ڄاڻ آهي ته سنڌ جي جُهومرَ ڪراچيءَ جو پراڻو نالو ’ڪلاچي‘ ۽ حيدرآباد جو پراڻو نالو ’نيرُون ڪوٽ‘ آهي. ان طرح ٺٽي جو پراڻو نالو ’ننگر‘ ۽ روهڙيءَ جو پراڻو نالو ’لوهري‘ يا ’لوهرڪوٽ‘ آهي. راورٽيءَ پنهنجي ڪتاب ’مهراڻ‘ ۾ روهڙيءَ جو هندِي نالو ’روراپور‘ يا ’رورا نگر‘ ڄاڻايو آهي. انهن ٻنهي نالن جي معنيٰ ’جبلن تي ٺهيل شهر‘ آهي. موجوده سکر جي وچ ۾ ’سيوِي‘ نالي موجود آثارَ جنهن شهر جو پتو ڏين ٿا، ان جو پراڻو نالو ’سيوس‘ يا ’ڪاڪا راڄ‘ ٻڌايو وڃي ٿو. سيوهڻ جو پراڻو نالو ’سيوستان‘ آهي، جڏهن ته ٿرپارڪر جي شهرَ اسلام ڪوٽ جو پراڻو نالو ’اسلام ڳڙهه‘ آهي. اهو نالو مٿس ٽالپرن رکيو هو ۽ ان نالي سان اتي قلعو به اَڏايو هو. ڪن جو خيال آهي ته ’اسلام ڪوٽ‘ اڳي ’سلام ڪوٽ‘ يا ’سلام ڳڙهه‘ هو. ضلعي قنبر شهدادڪوٽ جي هيڊڪوارٽر ’شهدادڪوٽ‘ جو نالو 1922ع تائين ’شهدادپور‘ هو. جڏهن ته ايم. ايڇ. پنهور مطابق ’رتيديري‘ جو پراڻو نالو ’رتن ديرو‘ هو.
لاڙڪاڻي جو اڳوڻو نالو ’چانڊڪا‘ جڏهن ته ’رحماني نگر‘ (اسٽيشن) جو پراڻو نالو ’سيتا‘آهي. 1850ع کان اڳ جيڪب آباد جو نالو ’خان ڳڙهه‘ هو. ان طرح سان هالا جو پراڻو نالو ’هالڪنڊِي‘ هو. سنڌ جي تاريخي شهرَ ٺٽي جو پراڻو نالو ’ننگر‘ ۽ بدين جو پراڻو نالو ’ساولپور‘ آهي. سنڌ جي قديم تاريخي شهرَ ــ اَمر ڪوٽ (جنهن کي غلط العام طور ’عُمر ڪوٽ‘ لکيو ويندو آهي) جا اڳُوڻا ڪئين نالا رهيا آهن، جن ۾ ’ديهات‘، ’همروٽ‘، ’پدمات‘، ’اَمراڻو‘ ۽ ’امرا پري‘ شامل آهن. عزيز ڪنگراڻيءَ مُوجب ڪاڇي جي مک شهرَ جوهيءَ جو پراڻو نالو ’جُوهي‘ آهي. جنهن جي معنيٰ ’وڻن جو ننڍو جهُڳٽو‘ آهي. (’جُوهو‘ جو مونث ’جُوهي‘) سنڌ جي مشهور شهرَ نوابشاهه جو 1909ع کان اڳ نالو ’نَصرت‘ ٻڌايو وڃي ٿو. نوابشاهه شهر جو نالو، سيّد نواب شاهه ولد سيّد نواز علي شاهه جي نالي تي رکيو ويو، جيڪو 1881ع ۾ پنهنجي ڪٽنب سميت سَن (ضلعي دادوءَ) مان نوابشاهه لڏي آيو. هن صاحبَ برطانوي حڪومت کي ريلوي اسٽيشن جي تعمير لاءِ 200 ايڪڙ زمين ۽ ضلعي ۽ تعلقي آفيسن لاءِ 60 ايڪڙ زمين عطيو ڪئي. جنهن جي مڃتا ۾ انگريز سرڪار ’نَصرت‘ جو نالو مَٽائي ’نوابشاهه‘ رکي ڇڏيو. ان کان 99 سال پوءِ اپريل 2008ع ۾ پي پي پي سرڪار، نوابشاهه جو نالو ’شهيد بينظيرآباد‘ ۽ ضلعي جو نالو ’شهيد بينظيرآباد‘ ضلعو رکيو. پر هي شهر اڃا به پنهنجي پراڻي نالي ’نوابشاهه‘ سان ئي زبان زدِ عام مشهور آهي. ان طرح سان ڪراچيءَ جي علائقي ’بن قاسم‘ جو اڳوڻو نالو ’پپرِي‘ آهي. ڪئين ماڻهو کيس اڄ به ان ئي نالي سان ياد ڪن ٿا. رچرڊ برٽن مُوجب ڪراچيءَ جي مشهور علائقي لانڍيءَ جو اڳوڻو نالو ’جُمعي جمعدار جِي لانڍي‘ آهي.
سنڌ کان ٻاهر نڪربو ته ساهيوال جو پراڻو نالو، پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر ــ ’سر رابرٽ مونٽگمريءَ‘ جي نالي پٺيان ’مونٽگومري‘ هو. لاهور جو پراڻو نالو ’محمُود پور‘ آهي. جڏهن ته ان جا ٻيا ڪجهه پراڻا نالا ’لاوپُور‘ يا ’لواپُور‘، ’لواپُوري‘، ’لاهو ــ وَر‘، ’لهاوَر‘، ’لوهه ڪوٽ‘، ’لاوڪوٽ‘، ’راهه وَر‘۽ ’محمُود پُوره‘ به آهن. جڏهن ته فيصل آباد جو پراڻو نالو ’لائل پُور‘ (پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر سر جيمس لائل جي نالي پٺيان) آهي. ان طرح سان ڪوئيٽه جو پراڻو نالو ’شال ڪوٽ‘، اَٽڪ جو اڳوڻو نالو ’ڪيمپبيل پُور ‘ (ڪرنل ڪيمپبيل جي نالي پٺيان)، سيالڪوٽ جا پراڻا نالا ’سلوان ڪوٽ‘، ’سگالا‘، ’سنگالا‘ يا ’سَڪالا‘ هئا. ان طرح سان رحيم يار خان جو پراڻو نالو ’ناصر پور‘ ، گوجرانوالا جو پراڻو نالو ’خانپور‘، بلوچستان جي شهرَ ’زوب‘ جا پراڻا نالا ’قلعو سنديمان‘ يا ’قلعو سنيمر‘، پشاور جو اڳوڻو نالو ’پرشاپور‘ يا ’پرشاپورا‘، سوات جو سابق نالو ’روديانا‘، پاڪپتڻ جو اڳوڻو نالو ’اجوڌن پور‘ (جيڪو نالو ان تي اڪبر بادشاهه رکيو هو)، ’مسلم باغ‘ جو اڳُوڻو نالو ’هندُو باغ‘ ۽ پاڪستان جي راڄڌاني ’اسلام آباد‘ جي گادي بڻجڻ کان اڳ (شهر اڏجڻ کان اڳ) ان سرسبز علائقي جو نالو ’راج شاهي‘ هو. پاڪستاني صوبن مان اڳوڻو صوبو ’سرحد‘ هاڻي ’خيبرپختُونخواهه‘ بڻجي چڪو آهي.
هندوستانَ ويجهڙ ۾ پنهنجن الاهي ساترن شهرن جا نالا تبديل ڪيا آهن. اهي شهرَ، جيڪي ويجهي ماضيءَ تائين ڪن ٻين نالن سان سڃاپجندا هئا، هاڻي انهن جي سڃاڻپ ٻي آهي. جيئن ڀارت جو مشهور شهر ’بمبئي‘، جنوري 1995ع کان ’مُمبئي‘ بڻجي ويو يا ’الهه آباد‘ آڪٽوبر 2018ع کانپوءِ ’پرياگ راج‘ سڏجي ٿو. اهو به ياد رکجو ته ’بمبئيءَ‘، بمبئي بڻجڻ کان اڳ به گهڻا ئي نالا مَٽايا. تن ۾ ’ڪڪامُچِي‘، ’مَنبئي‘، ’مومبَيَن‘ ۽ ’ممبا ديوي‘ شامل آهن. اهڙيءَ طرح ڀارت جو اڄ جو مشهور شهر ’چَنَئِي‘ 17 جُولاءِ 1996ع کان اڳ ’مدراس‘ هو. ان طرح سان اڳوڻو ’ڪلڪتو‘ هاڻي ’ڪولڪتا‘، اڳوڻو ’بينگلور‘ هاڻي ’بينگلورُو‘، اڳوڻو ’بڙودا‘ هاڻي ’وَدودارا‘، اڳوڻو ’گُڙ گائون‘ هاڻي ’گرُوگرام‘، اڳوڻو ’ميسور‘ هاڻي ’ميسورُو‘، سابق ’ساڪچي‘ هاڻي ’جمشيد پور‘، اڳوڻو ’پُونا‘ هاڻي ’پُڻي‘ ۽ سابق ’بنارس‘ هاڻي ’وراناسي‘ بڻجي چڪو آهي. ان طرح سان ڀارت پنهنجن متعدد صوبن (رياستن) جا نالا به مَٽايا آهن. اڳوڻِي ڀارتي رياست ’اُڙيسا‘ هاڻي ’اُڊِيشا‘، اڳوڻو ’ميسُور‘ هاڻي ’ڪرناٽڪا‘، اڳوڻو ’اُترانچل‘ هاڻي ’اُترکنڊ‘ ۽ سابق ’تراونڪور‘ هاڻي ’ڪيرالا‘ بڻجي چُڪو آهي، جڏهن ته ڀارتي رياست ’حيدرآباد‘ ۽ ’آنڌرا‘ کي ملائي هڪ ڪري ’آنڌرا پرديش‘ نالي هڪ رياست بڻائي وئي آهي. تازو 2014ع ۾ ان مان هڪ رياست ’تلنگانا‘ ڌار ڪئي وئي آهي.
ملڪن جي نالن جو ذڪر ڪجي ته ايران جو پراڻو نالو ’فارس‘ يا ’پَرشيا‘، ’عراق‘ جو پراڻو نالو ’ميسوپوٽيميا‘، ’ميانمار‘ جو پراڻو نالو ’برما‘، ’ٿائيلينڊ‘ جو پراڻو نالو ’سيام‘، ’سري لنڪا‘ جو پراڻو نالو ’سيلون‘، ’انڊونيشيا‘ جو پراڻو نالو ’ڊَچ اِيسٽ انڊِيز‘، نِيڌرلينڊز جو پراڻو نالو ’هالينڊ‘، ’زمبابوي‘ جو پراڻو نالو ’رهويڊيزيا‘، ’اِٿوپيا‘ جو پراڻو نالو ’ابيزينيا‘ ۽ ’ترڪيه‘ جو پراڻو نالو ’تُرڪي‘ آهي. جڏهن ته مصر جو پراڻو نالو ’ڪيمت‘ هو، جيڪو قديم مصري ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي ’ڪاري زمينَ‘. هي نالو نيل درياهه جي ڀرسان موجود زرخيز زمين جي حوالي سان مصر تي پيو. يوناني دؤرَ ۾ مصر کي ’ايگيپٽوس‘ سڏيو ويو، جنهن مان انگريزي لفظ ’ايجيپٽ‘ (Egypt) نڪتو. برطانيه جا پراڻا نالا ’البيون‘ ۽ ’اينگل لينڊ‘ يعني ’انگلن جِي زمين‘ آهن. (اهو ’اينگل لينڊ‘ اڳتي هلي ’اِنگلينڊ‘ بڻيو).
سينگاپور شهر توڙي ملڪ، ڪئين نالا مٽائي بالآخر سينگاپور بڻيو آهي. ان جو اڳوڻو مک نالو ته ’تماسيق‘ يا ’ٽيماسڪ‘ هو، پر ’پُو ليو چنگ‘، ’پالائو اجونگ‘، ’لونگ يامِن‘، ’سِن ڪا ڦُو‘، ’سِٽ لاٽ‘ (معنيٰ: پٿر جو دروازو) ۽ ’شونان ــ ٽو‘ يا ’شونانتو ‘ به سينگاپور جي اڳوڻن نالن طور اتهاس ۾ اچن ٿا. ان طرح ڪئنيڊا جو پراڻو نالو ’ڪَناٽا‘ آهي، جنهن جو مطلب آهي ”ڳوٺ“ يا ”آباد جڳهه“. سوئٽزرلينڊ جا ڪجهه پراڻا نالا ’هيلويشيا‘ (لاطيني)، ’سوئس اتحاد‘، ’شوائٽز‘ (جرمن) ۽ ’آئيڊگنوسينشافٽ‘ (جرمن) آهن.
ان طرح سان دنيا جي مشهور شهرن جي پراڻن نالن جو ذڪر ڪريون ته ’مديني‘ جو اڳوڻو نالو ’يثرب‘، چِين جي گاديءَ ’بِيجنگ‘ جو پراڻو نالو ’پيڪنگ‘ يا ’ڪمبالڪ‘، ٿائيلينڊ جي راڄڌانيءَ ’بئنڪاڪ‘ جو اڳُوڻو نالو ’بنگ ماڪوڪ‘، جپان جي گاديءَ ’ٽوڪيو‘ جو پراڻو نالو ’ايڊو‘، ’بيرُوتَ جو پراڻو نالو ’بيريٽس‘، ’استنبول‘ جو پراڻو نالو ’بازنطيم‘ يا ’قسطنطنيه‘، ’هوچي منهه‘ شهر جو پراڻو نالو ’سائگون‘، ’نيُو يارڪ‘ جو پراڻو نالو ’نيُو ايمسٽرڊيم‘، فرانس جي راڄڌانيءَ، سرهاڻين جي شهرَ ’پئرس‘ جو پراڻو نالو ’لوٽيشيا‘، ’روم‘ (شهرَ) جو اڳوڻو نالو ’روما ڪواڊراٽا‘ يا ’روما‘، ’ايٿنس‘ جو پراڻو نالو ’اٿينا‘ يا ’ايڪٽي‘، مصر جي راڄڌانيءَ ’قاهره‘ جو سابق نالو ’القاهره‘، ’يروشلم‘ جو پراڻو نالو ’ايليا ڪيپيٽولينا‘، ’ماسڪو‘ جو اڳُوڻو نالو ’ماسڪووا‘، لنڊن جو پراڻو نالو ’لنڊنيم‘، ’سينٽ پيٽرس برگ‘ جو پراڻو نالو ’پِيٽروگراڊ‘ يا ’لينن گراڊ‘ آهي. ان طرح سان چِينَ جي اهم شهرَ ’شنگهائيءَ‘ جو اڳوڻو نالو ’شين‘، ’هانگ ڪانگ‘ جو اڳوڻو نالو ’زيانگ گانگ‘ يا ’هيونگ ڪانگ‘، ’ڪوالالمپور‘ جو اڳوڻو نالو ’پينگ ڪلان لمپور‘ ۽ دبئيءَ جو اڳوڻو نالو ’ال وصل‘ آهي. جڏهن ته ايران جي گاديءَ تهران جا پراڻا تاريخي نالا ’تيران‘ (معنيٰ ’لاهِي‘)،’تِرگان‘ ۽ ’تِران جان‘ ٻڌايا وڃن ٿا. ان طرح سان تاريخ ۾ ايراني شهرَ ’مشهد‘ جا اڳوڻا نالا ’طُس‘، ’طائُوس‘ ۽ ’ثنا آباد‘ اچن ٿا.