ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڊراما ليکڪ خليل الرحمان قمر پنهنجي ڊرامي ” مين منٽو نهين هون“ ۾ استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ ڏيکاريل رومانوي لاڳاپن تي ٿيندڙ تنقيد جو سخت جواب ڏيندي چيو آهي ته حقيقي زندگيءَ ۾ به ڪيئي عورت مسترياڻين پنهنجن شاگردن سان شاديون ڪيون آهن.
خليل الرحمان قمر تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پروگرام دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن پنهنجي ڊرامي ” مين منٽو نهين هون“۾ استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ محبت ڏيکارڻ تي تنقيد ڪندڙن خلاف سخت ٻولي استعمال ڪئي.
هن چيو ته تنقيد ڪرڻ ۽ ”ڀونڪڻ“ ۾ فرق هوندو آهي، منهنجي ڊرامي ۽ ڪردارن تي صحيح معنيٰ ۾ تنقيد نٿي ڪئي وڃي، سٺي تنقيد سان اصلاح ٿيندي آهي.
ليکڪ موجب، هن هڪ ڪنواري استاد ۽ شاگردياڻيءَ جي وچ ۾ محبت ڏيکاري آهي ۽ محبت ڪرڻ ڪو گناهه ناهي، ٻئي نامحرم آهن، شادي ڪري سگهن ٿا.
سندن چوڻ هو ته جڏهن ستر سالن جا مرد ۽ عورتون به شاديون ڪري رهيا آهن ته پوءِ انهن ڪردارن تي اعتراض ڇو؟
هن چيو ته ڊرامي ۾ افئير ناهي ڏيکاريو ويو، ٻنهي ڪردارن مان ڪو به شادي شده ناهي، جيڪڏهن پرڻيل شخص لاڳاپو رکي ته اهو غلط آهي، پر هتي ٻنهي لاءِ شادي جائز آهي.
ليکڪ دعويٰ ڪئي ته حقيقت ۾ به ڪيترائي استاد ۽ شاگرد پاڻ ۾ شاديون ڪندا رهيا آهن ۽ ڪيترين ئي عورت استادن پنهنجن شاگردن سان شادي ڪئي آهي، جيڪو حلال ڪم آهي، اهڙي ڳالهه تي تنقيد ڪرڻ فضول آهي.
پروگرام خليل الرحمان قمر ڊرامي ”مين منٽو نهين هون“ تي تنقيد ڪندڙن خلاف سخت لفظ استعمال ڪيا، جڏهن ته مردن سان رومانوي لاڳاپا رکندڙ ڇوڪرين تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اهڙين عورتن خلاف ڪو جلوس نٿو نڪري، پر الزام هميشه مردن تي لڳايو ويندو آهي.
ڪيئي ماسترياڻين به حقيقي زندگيءَ ۾ پنهنجن شاگردن سان شاديون ڪيون، تنقيد ۽ ڀونڪڻ ۾ فرق هئڻ گهرجي: خليل الرحمان
You might also like