ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ۽ پوليس موجب صحافي امتياز مير جي قتل ڪيس ۾ هڪ ڪالعدم تنظيم سان واسطو رکندڙ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، آءِ جي غلام نبي ميمڻ ۽ ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍي اڄ امتياز مير قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته صحافي امتياز مير جي قتل ۾ ملوث 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اها ڪارروائي پوليس ۽ وفاقي جاچ اداري گڏيل طور ڪئي، جوابدار هڪ ڪالعدم تنظيم سان واسطو رکن ٿا، جيڪي ٻاهرئين ملڪ مان هدايتون حاصل ڪندا هئا.
هن ان اڳڀرائي کي هاڪاري قرار ڏنو ۽ چيو ته حملي ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل به برآمد ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته اينڪر پرسن امتياز مير کي گذريل مهيني موٽر سائيڪل سوارن گوليون هڻي قتل ڪيو هو.
Prev Post
You might also like