ڇا چانهه مٿي جو سور ختم ڪندي آهي؟ ڄاڻيو

سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن کي مٿي جي سور جي شڪايت هوندي آهي، ان ۾ مائگرين (اڌ مٿي جو سور) به شامل آهي، اهڙي صورتحال ۾ چانهه آرام ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
مٿي ۾ سور پوڻ هڪ عام ڳالهه آهي، جنهن جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي اڌ مٿي جو سور به ٿيندو آهي، جنهن مان ڇوٽڪاري لاءِ توهان مختلف جڙي ٻوٽين واري چانهه پي سگهو ٿا.
سنڍ جي چانهه: سنڍ ۾ موجود قدرتي خاصيتون صحت جي ڪيترن ئي مسئلن ۾ مددگار سمجهي وينديون آهن، سنڍ ۾ سوڄ ۽ سور گهٽ ڪندڙ خاصيتون هونديون آهن، جنهن کي اڌ مٿي جو سور هجي ته اهو سنڍ جي چانهه پيئي ته کيس فائدو پهچندو.
گرين ٽي: توهان مٿي جو سور ختم ڪرڻ لاءِ گرين ٽي جو استعمال به ڪري سگهو ٿا، اڌ مٿي جي سور مان جان ڇڏائڻ جو سولو ۽ بهترين حل گرين ٽي پيئڻ آهي، اها اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هوندي آهي ۽ ميٽابولزم کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، اڌ مٿي ۾ سور هجي ته ڏينهن ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا اها چانهه پي سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.