”اَدي ايلون مسڪ پنج لک اماراتي درهم جو قيمتي وڳو تحفي طور ڏنو“ راکي ساونت جي وڊيووائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڊانسر راکي ساونت دعويٰ ڪئي آهي ته دنيا جي ارب پتي، ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي سربراهه ايلون مسڪ کيس پنج لک اماراتي درهم ماليت جو قيمتي لباس تحفي طور ڏنو آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي راکي ساونت چيو ته ”توهان مون کان سوال ناهي ڪيو، پر مان پاڻ ٻڌائي رهي آهيان ته مون پنج لک اماراتي درهم جو لباس پاتو آهي ۽ ڳچيءَ ۾ اصلي سون مان ٺهيل نانگ جي شڪل وارو هار پاتو آهي، جنهن جي قيمت پنج ملين آهي“
جڏهن صحافين کائنس پڇيو ته اهو لباس کيس ڪنهن اسپانسر ڪيو، ته راکي ساونت مُرڪندي چيو ته ”مون کي پنهنجي ڀاءَ ايلون مسڪ، جيڪو ايڪس جو مالڪ آهي، تحفي طور ڏنو آهي “
اداڪارا جي هن بيان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي مداحن ۽ واهپيدارن طرفان مختلف ردعمل سامهون آيا، جڏهن ته ايلون مسڪ يا سندس ٽيم اڃا تائين هن دعويٰ جي ڪا به تصديق يا ترديد ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.