راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 26 نومبر احتجاج جي ڪيس ۾ پنجون ڀيرو عليما خان جا ضمانت نه جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه، عليما خان سميت 11 جوابدارن خلاف 26 نومبر جي احتجاج تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عليما خان ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿي، جڏهن ته سندس ڪو وڪيل به پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت عليما خان جا پنجون ڀيرو ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.
عدالت نادرا، اسٽيٽ بينڪ ۽ ڊي جي اميگريشن کان عليما خان جو سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ ۽ بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.
ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تي ٿيندي.
You might also like