ميلبورن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف ايشز سيريز کان اڳ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم کي وڏو جهٽڪو لڳي ويو آهي.
آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان پيٽ ڪمنز ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته پيٽ ڪمنز پهرين ايشز ٽيسٽ لاءِ وقت تي فِٽ نه ٿي سگهندو، سندس غير موجودگي ۾ اسٽيو سمٿ ڪينگروز سٿ جي قيادت ڪندو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، پيٽ ڪمنز رننگ شروع ڪري ڇڏي آهي، اميد آهي ته هو جلد بالنگ پريڪٽس پڻ شروع ڪندو.
واضح رهي ته پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل ايشز سيريز جو پهريون دنگل 21 هين کان 25 نومبر تائين پرٿ ۾ کيڏيو ويندو.
You might also like