جنگ بنديءِ کانپوءِ غزا ۾ مقرر ٿيندڙ عالمي فورس ۾ پاڪستاني فوجي دستا به شامل هوندا؟

يروشلم (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته غزا ۾ مقرر ٿيندڙ بين الاقوامي فورس ۾ پاڪستان جا فوجي دستا به شامل ٿي سگهن ٿا.
اسرائيلي اخبار ”ٽائمز آف اسرائيل“ موجب، اسرائيلي دفاعي عملدارن قانون سازن کي ٻڌايو آهي ته غزا ۾ ٻن سالن واري جنگ کانپوءِ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ ٺاهي ويندڙ بين الاقوامي فورس ۾ پاڪستان جا فوجي دستا پڻ شامل ٿي سگهن ٿا.
رپورٽ موجب، گذريل هفتي اسرائيلي ڪنيسٽ جي پرڏيهي ۽ دفاعي معاملن واري ڪميٽي کي بند ڪمري واري اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هن بين الاقوامي فورس ۾ انڊونيشيا، آذربائيجان ۽ پاڪستان جا فوجي شامل هوندا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انڊونيشيا اڳ ئي ان مشن لاءِ پنهنجي فوج موڪلڻ جي آڇ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته آذربائيجان به پنهنجا فوجي فراهم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.
ان باوجود رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني فوجين جي امڪاني شموليت بابت اڃا تائين باظابطا طور تي ڪوبه اعلان يا عوامي سطح تي ذڪر نه ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ غزا ۾ پاڪستاني فوج جي مقرري بابت چيو هو ته ان معاملي تي پرڏيهي وزارت جواب ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.