ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي ڀڃڪڙين تي اي چالان سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ اي چالان سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته رڪشا، گاڏي ۽ موٽر سائيڪل سميت هر ڪوئي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ٽريفڪ مينيجمينٽ لاءِ جيڪي شيون ضروري آهن انهن تي ڪم ڪرڻ گهرجي، ٽريفڪ مينيجمينٽ بيورو کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏيو.
هن چيو ته ٽريفڪ ڀڃڪڙيون هاڻ جديد ڪيمرائن ذريعي پاڻمرادي طور رڪارڊ ٿينديون ۽ جديد اي-ٽڪٽنگ سسٽم سان انساني مداخلت ۽ جانبداري جو خاتمو ٿيندو، ان منصوبي تحت ڪيمرائن جو انگ 12 هزارن تائين وڌايو ويندو، جڏهن ته نظام مرحلي وار سڄي سنڌ ۾ وڌايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته شهري اي – ٽڪٽ جي وضاحت يا اپيل لاءِ ٽريڪس سينٽر سان رابطو ڪري سگهن ٿا، عوامي رهنمائي ۽ سهولت لاءِ ٽريفڪ مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ ڊجيٽل شفافيت ۽ جديديت لاءِ اهم قدم کڻي رهيا آهيون، ان ذريعي پنهنجي شهرين جي بهتر خدمت ۽ تحفظ يقيني بڻائي رهيا آهيون.
مراد علي شاهه چيو ته روڊن تي مڪمل سائن لڳڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن کي علم ٿي سگهي، چالان ذريعي جيڪو 15 سيڪڙو ملڻو آهي ڪوشش ڪنداسين ته جاري رهي، اهڙو به ڪجهه ڪرڻ گهرجي ته جنهن غلط چالان ڏنو هجي ان کان 30 سيڪڙو ورتو وڃي.
ڪراچي ۾ اي چالان سسٽم جو افتتاح، نظام مرحلي وار سڄي سنڌ ۾ وڌايو ويندو: مراد علي شاهه
Next Post
You might also like