اوپن اي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو سام آلٽمين هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالاجي( اَي آءِ ) سان ليس چيٽ بوٽ (چيٽ جي پي ٽي) کان هٽي ڪري به مختلف شعبن ۾ سرگرم آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪمپني پنهنجو پهريون ويب برائوزر چيٽ جي پي ٽي ائٽلس متعارف ڪرايو هو.
ان کانسواءِ ڪمپنيءَ جو ايپل جي اڳوڻي ڊزائنر جوني آئيَو سان گڏجي هڪ هارڊويئر ڊيوائس تيار ڪرڻ تي به ڪم جاري آهي
سام آلٽمين هڪ ٻي ڪمپني ”Tools for Humanity’s World System“ جو شريڪ باني پڻ آهي.
ان ڪمپني اکين کي اسڪين ڪندڙ پورٽ ايبل اسڪينر Orb Mini متعارف ڪرايو آهي، جيڪو اکين کي اسڪين ڪري انسان هئڻ جي تصديق ڪري ٿو ۽ هڪ انوکي ورلڊ آءِ ڊي ٺاهي ٿو.
سڃاڻپ بلاڪ چين ۾ محفوظ ٿيندڙ آءِ ڊي ٽوڪن آهي، جيڪو تصديق ڪري ٿو ته هي فرد حقيقي انسان آهي ۽ اکين جي اسڪين ان کي ثابت ڪيو آهي.
هاڻي سام آلٽمين هڪ ٻي ڪمپني مرج ليبز به قائم ڪئي آهي، جنهن جو مقصد ايلون مسڪ جي ڪمپني نيورالنڪ کي ٽڪر ڏيڻ آهي.
نيورالنڪ اهڙين ڊوائيسز تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪي دماغ ۾ لڳڻ کان پوءِ ماڻهن کي سڌيءَ ريت ڪمپيوٽرن سان ڳالھائڻ جي سهولت ڏين ٿيون.
هڪ رپورٽ موجب، سام آلٽمين به اهڙي ئي هڪ ڊيوائس تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ اي آءِ ٽيڪنالاجي کي انساني دماغ جي لهرن کي پڙهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
ان مقصد لاءِ الٽرا سائونڊ ويوز استعمال ڪيا ويندا ۽ هي طريقو نيورالنڪ جي دماغ ۾ لڳايل چِپس کان بنهه مختلف آهي.
هتي اِها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته سام آلٽمين پاڻ ماضيءَ ۾ نيورالنڪ جهڙي ٽيڪنالاجي تي تنقيد ڪري چڪو آهي ۽ هو اهڙي دنيا جو تصور رکي ٿو جتي ماڻهو ڪجهه سوچين ته چيٽ جي پي ٽي اُن تي سڌو جواب ڏئي.
سال 2017ع ۾ هڪ بلاگ پوسٽ ۾ سام آلٽمين اڳڪٿي ڪئي هئي ته انسان ۽ اي آءِ هوريان هوريان گڏ ارتقائي مرحلن مان گذرندا.
سندن چوڻ هو ته هڪ پاسي اي آءِ ٽيڪنالاجي انسانن تي پنهنجا اثر ڇڏيندي، جڏهن ته ٻي پاسي انسان اي آءِ کي وڌيڪ بهتر بڻائيندا.