اسٽيٽ بئنڪ پاران مانيٽري پاليسي جو اعلان، وياج جي شرح برقرار رکڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
مرڪزي بئنڪ مالي پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وياج جي شرح کي 11 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويو آهي.
مسلسل چوٿين اجلاس ۾ مرڪزي بئنڪ طرفان وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو آهي.
ياد رهي ته اسٽيٽ بئنڪ جي پاليسي ڪميٽي هن سال 5 مئي جي اجلاس ۾ وياج جي شرح هڪ سيڪڙو گهٽائي 11 فيصد ڪئي هئي.
مارڪيٽ ۾ عام تاثر اهو ئي هو ته ٻوڏ سبب ملڪ ۾ مهانگائي ٿوري وڌي آهي، تنهنڪري اسٽيٽ بئنڪ مالي پاليسي بابت محتاط رويي کي برقرار رکندو، ۽ معاشي ماهرن کي مرڪزي بئنڪ مان اهڙي ئي فيصلي جي اميد هئي.
ڪاروباري طبقي جو مطالبو هو ته وياج جي شرح ٻه سيڪڙو گهٽائي 11 سيڪڙو مان 9 سيڪڙو تي آندي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.