ڀارتي نائب ڪپتان جي انجري وڌي وئي، آءِ سي يو ۾ داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ون ڊي ٽيم جي نائب ڪپتان شرياس اَئير جي انجري سنجيده هئڻ سبب کيس آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، شرياس اَئير آسٽريليا خلاف ٽِين ون ڊي ميچ دوران فيلڊنگ ڪندي زخمي ٿي پيو هو.
رپورٽ موجب، شرياس اَئير جي انجري سنجيده نوعيت اختيار ڪري وئي آهي ۽ اندروني رت وهڻ (انٽرنل بليڊنگ) ٿي آهي، جنهن سبب کيس انتهائي نگهداشت واري وارڊ (آءِ سي يو) ۾ داخل ڪرڻو پيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شرياس اَئير ڇنڇر کان سڊني جي اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل آهن ۽ هو 2 کان 7 ڏينهن تائين ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ رهندو.
رپورٽ موجبم اندروني بليڊنگ سبب انفيڪشن کان بچاءَ لاءِ ڊاڪٽرن طرفان سندس معائنو ڪري رهيا آهن، ۽ ڊاڪٽرن طرفان هوائي سفر جي اجازت ملڻ کانپوءِ شرياس اَئير واپس ڀارت روانو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.