پاڪ-افغان مسئلو حل ڪري سگهان ٿو پر في الحال ضرورت ناهي:ڊونلڊ ٽرمپ

ڪوالالمپور (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ افغان مسئلي جي حل ۾ دلچسپي ظاهر ڪندي چيو ته ما پاڪ افغان مسئلو جلد حل ڪندس. ملائيشيا جي راڄڌاني ڪوالالمپور ۾ جاري آسيان سمٽ کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ٿائي لينڊ ڪمبوڊيا جنگ  انهن 8 جنگين مان هڪ آهي جيڪي مان 8 مهينن ۾ روڪرايون آهن، هڪ ٻي جنگ روڪرائڻ اڃا باقي آهي. هن چيو ته مان ٻڌو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ وري  مسئلا شروع ٿي ويا آهن، لڳي ٿو ته مان ان مسئلي جي حل لاءِ ڪجهه ڪري سگهان ٿو، مان ٻنهي ملڪن کي سڃاڻان ٿو ۽ مان پاڪ افغان مسئلا جلد حل ڪندس. هن چيو ته پاڪستان جو وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سٺا ماڻهو آهن، مون کي ٻنهي تي اعتماد آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان پاڪ افغان مسئلو جلد حل ڪري وٺنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.