ڪراچي ڪورنگي ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، نينگري فوت، ٻه عورتون زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي سيڪٽر 32-اي، ٿاڻو زمان ٽائون جي حدن ۾ ضياءَ ڪالوني ۾ گهر جي ڪمري جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڏيڍ سالن جي نينگري فوت ٿي وئي، جڏهن ته هڪ ٻارڙي سميت ٻه عورتون زخمي ٿي ويون، حادثو تڏهن پيش آيو، جڏهن عورتون ۽ ٻار ڪمري ۾ موجود هئا ته اوچتو ڇت جو بيم ٽٽي پيو ۽ ملبو گهرڀاتين مٿان ڪري پيو، حادثي ۾ فوت ٿيل نينگري ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوت ٿيل نينگري جي سڃاڻپ ڏيڍ سالن جي عائشه ڌيءَ محسن طور ٿي، جڏهن ته زخمين ۾ 45 ورهين جي حميده زال امام الدين، هڪ ٻي عورت ۽ 7 ورهين جي دعا ڌيءَ عامر شامل آهن.

اورنگي ٽائون ۾ انڌي گولي لڳڻ سبب 8 ورهين جو ٻار مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون مومن آباد، فقير ڪالوني ۾ انڌي گولي لڳڻ سبب 8 ورهين جو نينگر مارجي ويو، ريسڪيو ذريعن موجب ٻار جي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ رضوان جي نالي سان ٿي، پوليس واقعي بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ذميوارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.