ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ فارورڊ بلاڪ جا 9 وزير پ پ ۾ شامل

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف آزاد ڪشمیر فارورڊ بلاڪ جي 9 وزيرن پاڪستان پیپلزپارٽی ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي. پی ٽي آءِ آزاد ڪشمیر جي 5 وزيرن فریال ٽالپر ۽ چوڌري ریاض سان ملاقات ڪري  پیپلزپارٽی ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. انهن ۾ چوڌري یاسر، محمد حسین، چوڌري محمد اخلاق، چوڌري ارشد ۽ چوڌري  محمد رشید شامل آهن. ان کان سواءِ وڌيڪ چئن وزيرن شموليت جو اعلان ڪيو. انهن وزيرن ۾ فهيم اختر ربانی، عبدالماجد خان، محمد اڪبر، ابراہیم ۽ عاصم شریف شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.