سرڪاري آفيسرن کان ٻارن جي مهانگي تعليم ۽ بنگلن جو پڇاڻو ڪريو:ايف بي آر جو اڳوڻو چيئرمين

ڪراچي(مسعود رضا)ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته معيشت بهتر ٿيڻ واري دعويٰ ٺيڪ ناهي،2000ع کان وٺي مجموعي طور تي ڏسجي ته اسان جي معيشت انحطاط ڏانهن وڃي رهي آهي،ان ۾ ڪا به بنيادي تصحيح نه پئي ٿئي،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو انگ وڌي ويو آهي،روڊن جي حالت خراب آهي،2000ع کان وٺي ڀارت،بنگلاديش  ۽ پاڪستان جي معيشتن جي ڀيٽا ڪري ڏسو،انهن ڇا ڪيو ۽ اسان ڇا ڪيو؟حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته اسان ڊيفالٽ کان بچي ويا آهيون ۽ معاشي بحران ختم ٿي ويو آهي پر ڳالهه اها آهي ته اصل مسئلو برقرار آهي،مسئلي جي حل ڏانهن به اسان نه پيا وڃون،هن چيو ته پاڪستان ۾ ڏيڍ کان ٻه ڪروڙ ماڻهو ايترا امير آهن جو انهن کي ڪو به ڪم ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي،انهن لاءِ مهانگائي ڪو اشو ناهي،ڊفينس ڪراچي ۾ ٻه ٻه هزار گز جا بنگلا آهن،هن چيو ته منهنجي هڪ ڳالهه ياد رکجو ته مسلمان ڪڏهن معاشي انصاف نٿو ڪري سگهي،جيڪو به ماڻهو ڪنهن مذهب ۾ ايمان رکي ٿو اهو ڪڏهن معاشي انصاف نٿو ڪري سگهي،مذهبي شخص الله کان ڊڄندو آهي،الله کان ڊڄڻ جو مطلب اها ڳالهه بعد ۾ ڏٺي ويندي، انصاف تڏهن ٿيندو جڏهن توهان معاشري ۽ قانون کان ڊڄو،هن چيو ته مسلمان ڪڏهن به انصاف ۽ عدل نٿو ڪري سگهي،مسلمان منهنجي آقا حضرت محمد صلعم جي زندگي جي پوئواري نٿا ڪن،آخري نبي پاڪ صلعم جي دنيا مان پردو ڪرڻ کانپوءِ اسان بي ايمان بڻجي وياسين، بادشاهتون، سلطنتون، فوج،ويڙهه،دولت جي چڪر ۾ پئجي وياسين،هن چيو ته سچو مسلمان ٿيڻ کان اڳ سچو انسان ٿيڻ ضروري آهي،اسان سچا مسلمان هجون ها ته اڄ معاشري جي هي حالت هجي ها؟ چين، جاپان، سوئيڊن ۾ معاشرا ڇو سٺا آهن؟اسان وٽ صدقا،خيرات،زڪوات ڏيندڙ پنهنجي ملازمن کي جائز پگهار ئي نٿا ڏين،هن چيو ته سڀ کان پهرين اهو مونجهارو ختم ڪريو ته پاڪستان توهان ٺاهيو هو،ننڍي کنڊ جو ورهاڱو انگريزن ڪيو هو،انگريزن کي ڊپ هو ته روس گرم پاڻين ڏانهن وڌندا،نهرو سوشلزم کان متاثر هو،انگريزن اسان واري پٽي مسلمانن جي حوالي ان ڪري ڪئي ته انهن ۾ مذهب جا جراثيم هئا،اسان وارا همراهه ڪميونزم جي خلاف هئا،هن چيو ته اهو غلط آهي ته جيڪو مذهب کي نه مڃي ان کي ڪميونسٽ ڪوٺيو وڃي،نهرو پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به عبادت گاهه نه ويو،هن چيو ته ملڪ بهتر نموني هلائڻ لاءِ چئني صوبن کي وڌيڪ صوبن ۾ ورهايو وڃي،دنيا ۾ لساني بنيادن تي ئي صوبا ٺهيا آهن،سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي،هن چيو ته ٽيڪسيشن کان بغير معيشت نٿي هلي سگهي،ڪاروباري ماڻهن تي ٽيڪس لڳي ٿو ته هڙتال شروع ڪري ڇڏين ٿا،هن چيو ته ٻيو وڏو مسئلو ڪرپشن جو آهي،سرڪاري آفيسرن کان پڇاڻو ڪريو ته ايترا وڏا بنگلا ڪٿان آندا،سندن ٻارٻاهرين ملڪ مهانگن اسڪولن،ڪاليجن،يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا اها فيس ڪٿان ٿي اچي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.