ڪراچي(عوامي آواز نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٺهڻ بابت ڪو به باقاعده معاهدو نه ٿيو هو، هڪ بيان ۾هن چيو ته ترقياتي پروگرامن بابت فيصلا جيڪڏهن بند ڪمرن ۾ ڪيا وڃن ته اهو عمل غلط آهي، ڇو ته پيپلز پارٽي جا ميمبر جيڪڏهن اسيمبلي ۾ نه وڃن ته حڪومت جو ڪورم به پورو نٿو ٿئي ۽ اجلاس ملتوي ڪرڻو پوي ٿو،هن وڌيڪ چيو ته جڏهن شهباز شريف وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش کڻي پيپلز پارٽي وٽ آيو هو ته ڪجهه ڳالهين تي اتفاق ٿيو هو۔شازيه مري موجب سي اي سي جي اجلاس ۾ پارٽي ميمبرن حڪومت بابت تحفظات جو اظهار ڪيو جنهن تي صدر آصف علي زرداري ذميواري ورتي ته جيڪي معاهدا ٿيا آهن، انهن تي عمل ڪيو ويندو.