ڪراچي ۾ ”کدڙا فيسٽيول“، کدڙن فقيرن طرفان پنهنجي حقن لاءِ ريلي، ڌمال

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي برنس گارڊن ۾ کدڙن فقيرن جي تنظيم پاران کدڙا فيسٽيوَل 2025 جو شاندار ميلو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ کدڙن فقيرن شرڪت ڪئي، فيسٽيول جي موقعي تي  کدڙن فقيرن طرفان پنهنجن حقن لاءِ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن ڌمال پڻ لڳائي، جڏهن ته ريلي پنڊال ۾ پهچي پڄاڻي تي پهتي، کدڙن فقيرن جي اڳواڻ ڪامي چوڌري چيو ته اسان به هن سماج جو حصو آهيون، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان کي اڃا به شهري تسليم نٿو ڪيو وڃي، نه عزت ملي ٿي ۽ نه ئي روزگار جا موقعا ٿا ملن، هي ٽيون هجڙا فيسٽيوَل آهي جيڪو هن ڀيري به ڪاميابيءَ سان ٿيو، ڪامي چوڌري ۽ ڊاڪٽر ساره گل چيو ته هن سال فيسٽيوَل جو موضوع ماحولياتي تحفظ سان جوڙيو ڪيو ويو آهي، ڇو ته ماحولياتي تباهڪاريءَ جا اثر کدڙن فقيرن تي به پون ٿا،اسان پنهنجي سڃاڻپ، وقار، آزادي ۽ ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ گڏ بيٺا آهيون، هنن چيو ته شهري وڻ پوکين ۽ ماحول جي حفاظت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اڳواڻن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ کدڙن فقيرن خلاف تشدد ۽ قتل جا واقعا وڌيا آهن، حڪومت کي گهرجي ته اهڙن ڏوهن جي روڪٿام لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته اسان لاءِ روزگار ۾ مختص ڪوٽا تي عملدرآمد، ڊيزاسٽر مينيجمينٽ، رليف، رهائش ۽ صحت جي منصوبن ۾ به ٽرانس ڪميونٽي جي شموليت يقيني بڻائي وڃي، پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبليز ۾ کدڙن فقيرن لاءِ مخصوص سيٽون مقرر ڪرڻ لاءِ فوري قانون سازي ڪئي وڃي، فيسٽيوَل ۾ کدڙن فقيرن پنهنجو فن پيش ڪيو، ڊرامو ڏيکاريو، مختلف اسٽال لڳايا ۽ ماحولياتي پيغام طور ٻوٽا پڻ پوکيا، بنديا رانا چيو ته اسان پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکنداسين، اسان کي به هن سماج جو برابر شهري سمجھيو وڃي، پورهيت اڳواڻ ناصر منصور ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته کدڙن فقيرن جي حقن لاءِ سماج کي گڏجي آواز اٿارڻ گهرجي، جڏهن⁠ ته کدڙن فقيرن کي تعليم ذريعي هر شعبي ۾ اڳتي اچڻ جي همت ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.