وزيراعظم جو سڄي ملڪ جي گهريلو واهپيدارن لاءِ گيس ڪنيڪشن کولڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ گهريلو واهپيدارن لاءِ گيس ڪنيڪشن کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ آر ايل اين جي ڪنيڪشن جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گهريلو واهپيدارن لاءِ گيس ڪنيڪشن اهم ضرورت هئي، حڪومت سڄي ملڪ ۾ گهريلو واهپيدارن لاءِ گيس ڪنيڪشن کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته 2022 ۾ پي ڊي ايم حڪومت دوران گيس جي فراهمي هڪ وڏو چيلينج هو، عوام جو اهو اهم مطالبو هو ته گيس ڪنيڪشن جاري ڪيا وڃن پر هن وقت گيس نه هئي، تنهن ڪري معذرت ڪرڻي پئي.
سندس چوڻ هو ته نون گيس ڪنيڪشنز لاءِ لکين درخواستون وصول ٿي چڪيون آهن، اڄ عوام جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو، اسان کي روز محنت ڪري ملڪ کي ترقي ڏيارڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.