بدين(رپورٽ:رازق ڏنو کوسو) گولاڙچي جي عدالت سڄي تعلقي گولاڙچي، ڪڙيو گهنور ۽ کورواھ ۾ روڊن، گهٽين، واھن، ڊرينيج سسٽم، آر او پلانٽس جي ايراضيءَ تي غيرقانوني قبضن، رڪاوٽن ۽ حددخلين سميت ٻين اهم عوامي مسئلن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ گولاڙچي مسٽر عرفان علي خواجه جي عدالت طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته تعلقي شهيد فاضل راهو جي ماڻهن طرفان عدالت کي 133 سي آر پي سي تحت مختلف عوامي مسئلن بابت ڪيتريون ئي درخواستون مليون آهن، جيڪي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، تنهنڪري لاڳاپيل عوامي شڪايتن بعد عدالت کي معلوم ٿيو آهي ته دڪاندارن ۽ گاڏين وارن سميت قبضا مافيا تعلقي جي گولاڙچي، ڪڙيو گهنور ۽ کورواھ جي روڊن رستن، گهٽين، واھن،ڊرينيج سسٽم،ڦليلي،گوني ۽ ٻين واھن جي ڪنارن ۽ پاڻي جي فراهمي وارن لنگهن ۽ آر او پلانٽس جي ايراضي تي غيرقانوني قبضا ۽ رڪاوٽون ٿيل آهن، جيڪي مسئلا مقامي رهواسين ۽ تعلقي شهيد فاضل راهو جي شهرين لاءِ تڪليفن ۽ پريشانين جو سبب بڻجي رهيا آهن، اهڙي ريت نوٽيس ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته مقامي هارين پاران به تعلقي جي مختلف واھن تي ڪٽ ۽ ٻين رڪاوٽن بابت زمينن تائين پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ جون شڪايتون پڻ عدالت تائين پهتيون آهن، اهڙي ريت عدالت جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته گولاڙچي، ڪڙيو گهنور ۽ کورواھ ۾ لاڳاپيل مسئلا عوامي تڪليفن جو سبب بڻجي رهيا آهن، جيڪا شهري حقن جي ڀڃڪڙي آهي، عدالت صورتحال جو نوٽيس وٺندي رينجرز، پوليس، اي سي شهيد فاضل راهو،چيئرمين ٽائون ڪميٽي گولاڙچي، ٽائون ڪميٽي ڪڙيو گهنور،چيئرمين کورواھ، ٽي ايم اوز، آبپاشي، ڊرينيج، پبلڪ هيلٿ، هاءِ ويز، صحت ۽ ٽرانسپورٽ کاتن سميت لاڳاپيل سرڪاري عملدارن کي 07 نومبر تي تفصيلي رپورٽن سميت ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.