اسلام آباد (م ڊ) سينيئر صحافي حامد مير چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ 4 سالن دوران چوٿون وزيراعظم آڻڻ عوام سان هڪ ڳنڀير مذاق آهي. پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ حامد مير چيو ته 2021 ۾ مينڊيٽ تحريڪ انصاف کي مليو هو، پر هاڻي سياسي وفاداريون مٽائيندڙن جي مدد سان پيپلز پارٽي کي چاڪليٽ ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته جڏهن آزاد ڪشمير اسيمبلي جي مدي ۾ رڳو اٺ مهينا باقي آهن، ته اهڙي تبديلي سان پيپلز پارٽي کي بدناميءَ کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.