اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله تربت ۾ نوجوان حيات کي والدين آڏو قتل ڪندڙ ايف سي اهلڪار جي موت جي سزا خلاف اپيل جو فيصلو جاري ڪندي اپيل خارج ڪري ڇڏي، جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت کان مٿانهون قتل آئين ۽ بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، فيصلي موجب حيات نالي يونيورسٽي شاگرد کي ايف سي اهلڪار حراست دوران قتل ڪيو، جيڪو هڪ بزدلاڻو، وحشي ۽ عوامي ضمير کي لوڏيندڙ عمل آهي، عدالت چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارو جڏهن شهري جو قاتل بڻجي ٿو، ته ان لاءِ سڀ کان سخت سزا لازمي آهي، ڇوته ايف سي جو ڪم عوام جو تحفظ ڪرڻ آهي عوام مٿان گوليون هلائڻ ايف سي جو ڪم ناهي، جسٽس اطهر من الله لکيو ته والدين جي اپيلن باوجود فائرنگ جاري رهي ۽ اعترافي بيان ۽ فرانزڪ شاهديون ڏوهه ثابت ڪن ٿيون، اهڙا ڏوهاري نه صرف معاشري پر ادارن لاءِ به خطرو آهن. ايف سي اهلڪار شادي الله سرڪاري هٿيار سان شاگرد جي پيٽ ۾ 8 گوليون هنيون .