پي سي بي، پي ايس ايل ۾ ٻه نيون ٽيمون شامل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي چيف ايگزيڪٽيو آفيسر سلمان نصير چيو آهي ته پي ايس ايل 11هين ايڊيشن ۾ ٻه نيون ٽيمون ۽ ٻه واڌو وينيو شامل ڪيا ويندا.
نجي ٽي وي جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي سلمان نصير ٻڌايو ته بورڊ سنجيدگي سان ڇهن وينيوز تي ميچ ڪرائڻ تي غور ويچار ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ان شاءَ الله پي ايس ايل 11 جون ميچون ڇهن مختلف هنڌن تي کيڏيون وينديون
هن چيو ته پشاور جي عمران خان اسٽيڊيم (اڳوڻو ارباب نياز اسٽيڊيم) جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ان کي عالمي معيار مطابق تيار ڪرڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو.
هن چيو ته پي سي بي چاهي ٿو ته هي اسٽيڊيم پي ايس ايل 11 جي ميچن جي ميزباني لاءِ تيار ٿي وڃي، پر ان لاءِ ڊگهي مدي واري لِيز معاهدي جي ضرورت آهي، جيئن بورڊ ان تي خاطر خواهه سيڙپڪاري ڪري سگهي.
سلمان نصير موجب، فيصل آباد کي به نوَن ميزبان شهرن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، ڇو ته اتي اڳ ئي بين الاقوامي ميچون شيڊيول آهن.
ليگ ۾ نيون ٽيمون شامل ڪرڻ بابت سي اي او چيو ته پي سي بي ٻه نيون فرنچائزز متعارف ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ ٽيمون وڪرو ڪرڻ لاءِ ٽينڊر جو عمل نومبر ۾ شروع ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته نين ٽيمون حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ وڏي دلچسپي نظر ۾ اچي رهي آهي ۽ سخت مقابلي جو امڪان آهي.
ياد رهي ته پي ايس ايل جي شروعات 2016 ۾ پنج ٽيمَن سان ٿي هئي، جڏهن ته 2018 ۾ ملتان سلطانز جي شموليت سان ٽيمن جو انگ ڇهه ٿي ويو هو. هاڻي ٻن نين ٽيمن جي واڌاري سان ليگ پهريون ڀيرو اٺ ٽيمَن تي ٻڌل هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.