ڊاڪٽرياڻي پوليس اهلڪار طرفان باربار ريپ ۽ هراسان ڪرڻ تي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽر جي ضلعي سَتارا ۾ سرڪاري اسپتال جي هڪ خاتون ڊاڪٽر خميس جي رات هوٽل جي ڪمري ۾ مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڊاڪٽر پنهنجي تَريءَ تي هڪ نوٽ لکيو جنهن ۾ هڪ پوليس آفيسر تي الزام لڳايو ويو ته هو گذريل 5 مهينن کان کيس جنسي زيادتي ۽ هراسان ڪرڻ جو نشانو بڻائي رهيو هو.
عورت ڊاڪٽر الزام لڳايو ته پوليس آفيسر گوپال گذريل 5 مهينن دوران ڪيترائي ڀيرا سندس ريپ ڪيو، جڏهن ته هڪ ٻئي شخص پرشانت بانڪر تي ذهني اذيت ڏيڻ جو الزام هنيو.
واقعي کانپوءِ پوليس عورت ڊاڪٽر جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اُماڻي ڇڏيو آهي ۽ ڊاڪٽر جي نوٽ جو فرانزڪ تجزيو شروع ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي پوليس آفيسر کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، عورت ڊاڪٽر جي سئوٽ الزام لڳايو آهي ته ڊاڪٽر تي ڊگهي عرصي کان پوليس جو دٻاءُ هو ۽ کيس غلط پوسٽ مارٽم رپورٽون تيار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پئي ويو.
عورت ڊاڪٽر جي سئوٽ جو چوڻ هو ته ”گذريل سال کيس پوليس ۽ سياستدانن طرفان شديد دٻاءُ جو منهن ڏسڻو پيو، کيس ڪوڙيون پوسٽ مارٽم رپورٽون ٺاهڻ تي مجبور ڪيو پيو ويو. هن ڊي سي پي کي شڪايت لاءِ خط به لکيو هو پر ڪا به ڪارروائي نه ٿي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.