گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس، عدالت پاران اڳڀرائي رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ٻڌڻي دوران پوليس رپورٽ پيش ڪئي، جنهن موجب سرجاني ٽائون جو هڪ شهري زرتاج ولي ۽ گڊاپ جو فهد شاهه گهر پهچي ويا آهن، جڏهن ته سيف الرحمان اڃا تائين لاپتا آهي. عدالت 5 ڊسمبر تائين وڌيڪ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڪلفٽن مان گم  ٿيل شهري بابت عدالت پوليس کي وڪيل جو لکت ۾ بيان وٺي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي پاسي بلڊر جاويد اقبال ۽ ٻين جي گمشدگي واري ڪيس ۾ عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب لاءِ 28 نومبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.