نوشڪي ۾ ڊي ايس پي اغوا کانپوءِ قتل

نوشڪي (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي نوشڪي مان گذريل هفتي اغوا ڪيل ڊي ايس پي محمد يوسف ريڪي جو لاش مليو. پوليس موجب، کيس اڻڄاتل هٿياربندن مستونگ ضلعي جي علائقي گرگينا مان اغوا ڪيو هو، جتي قتل ڪرڻ بعد لاش ڪرڊگاپ ۾ ڇڏي وئي. انتظاميا مطابق،  لاش هڪ ڏينهن اڳ هٿ آيو ۽ پوءِ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو جتي فياض سنبل پوليس لائين ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي ۾ گورنر بلوچستان شيخ جعفر مندوخيل، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ فوجي ۽ سول آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪنهن به ڌر اغوا ۽ قتل جي ذميواري قبول ناهي ڪئي. مستونگ مان گذريل مهيني به هڪ ڊي ايس پي کي اغوا ڪيو ويو هو، جڏهن ته تازو دشت ۾ ست مزدورن کي به اغوا ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.