خيرپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ،هڪ ڄڻو قتل،3 زخمي، پوليس تي به حملو

خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو)خيرپور جي اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد جمعو ڳوٺ ۾ ڦلپوٽا برادري تي نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، ٽي زخمي، جمعو ڳوٺ ۾ گزريل رات ديرسان جديد ھٿيارن سان انڌا ڌنڌ فائرنگ جي  نتيجي ۾ ڦلپوٽا برادري جا ٽي ماڻهو زخمي ٿي پيا. ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو  جنهن جي  سڃاڻپ شھمير ڦلپوٽو طور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي.زخمين جي وارثن جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ  ڌاڙيل رحيم بخش ڦلپوٽو ۽ سندس ساٿي ھئا ، ڌاڙيل رحيم بخش ڦلپوٽو اڳ به اسان جا ڪيترائي ماڻهو قتل ڪري چڪو آهي. هٿياربندن اتي موجود اسپيشل پوليس ٽيم  جي موبائل تي به  فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس موبائل جي متاثر ٿيڻ جا اطلاع آهن پر اهلڪار معجزاڻي طور بچي ويا.پوليس ۽ مقامي انتظاميه جو چوڻ آهي ته واقع جي مڪمل انڪوائري جاري آهي ۽ حملو ڪندڙ کي جلد گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.