حڪومت جي عمران خان کي جيل مان بني گالا منتقل ڪرڻ جي آڇ، نومبر اهم

اسلام آباد (عاصما شيرازي) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي جيل مان ممڪن منتقلي ۽ سياسي منظرنامي ۾ نئين سرگرمين تي بحث تيز ٿي ويو آهي. وفاقي وزير طارق فضل چوڌري آهي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان کي بني گالا منتقل ڪرڻ لاءِ باقاعدا درخواست ڏئي ٿي ته حڪومت ان تي غور ڪندي. هن انڪشاف تي سياسي مبصرن ۽ شرڪت ڪندڙن حيرت ظاهر ڪئي، جڏهن ته سوال اٿاريو ويو ته ڇا حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ واقعي اهڙي منتقلي لاءِ راضي ٿي سگهي ٿي؟ رپورٽ موجب، حڪومت سيڪيورٽي سببن تحت اهڙو قدم کڻي سگهي ٿي، ڇو ته راولپنڊي جيل گنجائش کان وڌيڪ قيدين سان ڀريل آهي. ٻئي پاسي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نومبر ۾ عمران خان جي آزادي يا سياسي  دٻاءُ لاءِ نئين تحريڪ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. پي ٽي آءِ جي قيادت سهيل آفريدي کي اڳتي آڻي جلسن ۽ امڪاني احتجاجي مهم جي تياري ڪري رهي آهي. مبصرن موجب، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ٻئي نومبر کي اهم مهينو سمجهي حڪمتِ عملي طئي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته توشا خانا ڪيس جو فيصلو به ويجهو آهي. توشاخانا ڪيس جو فيصلو هڪ ٻن هفتن ۾ اچڻو آهي، عمران خان چاهيندو ته کيس سزا نه اچي. ٻئي پاسي سهيل آفريدي کي آندو ويو آهي، جنهن کي نومبر ۾ احتجاج سان ڳنڍيو پيو وڃي ته جيئن حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي ۽ توشاخانا فيصلي ۾ سزا کان بچي سگهجي. ان کان اڳ سهيل آفريدي وڏن جلسن جو اعلان ڪندو رهيو آهي. 25 آڪٽوبر تي جرڳو گهرايو آهي. ان لاءِ هو قبائلي نوجوانن کي آڻي رهيا آهن. اهو سڀ توشاخانا فيصلي کان اڳ ٿي رهيو آهي. ڇا حڪومت اهو سمجهي ٿي ته عمران خان جيل ۾ رهندي وڌيڪ مقبول ٿي رهيو آهي ته ان کي سڪيورٽي بنياد تي يا آڇ ڪري جيل مان ڪڍيو وڃي. اها حڪومت جي حڪمت عملي ٿي سگهي ٿي ته جيئن عوامي پريشر گهٽائي سگهجي ۽ تحريڪ جو رستو روڪي سگهجي. محمود اچڪزئي کي مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ڪرڻ به اهم هوندو. محمود اچڪزئي چيو هو ته هو نواز شريف سان ڳالهائيندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته سياسي رستو به ڪڍي، هو ايوان ۾ ۽ سياسي محاذ سنڀاليندو. جڏهن ته عمران خان جنيد اڪبر ۽ سهيل آفريدي جهڙن ماڻهن ذريعي دٻاءُ وجهندو. ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ طرفان اهڙي ڪا شئي نظر نٿي اچي. ان کان اڳ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو هو ته عمران خان سان ملاقاتن ۾ ڪو مسئلو ناهي، ڪا رنڊڪ آهي ته اسان جائزو وٺنداسين، اسان چاهيون ٿا سڀ ماڻهو ساڻس جيل ۾ ملن. پي ٽي آءِ هڪ درخواست ڏئي ته اسان عمران خان کي بني گالا شفٽ ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته عمران خان  سسٽم کي بگاڙي رهيو آهي، سهيل آفريدي کي وڏو وزير بڻائڻ جو سبب ڏڦيڙ آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 24 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.