حيدرآباد ۾ ڊينگي سبب 9 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد انتظاميا ڊينگي سبب حيدرآباد ۾ 9 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ڊينگي جي روڪٿام  لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي صدارت هيٺ شهباز هال ۾ ڊينگي جي روڪٿام بابت اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ صحت، بلديه، پبلڪ هيلٿ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر شرڪت ڪندڙن کي چيف سيڪريٽري سنڌ جي ڏنل هدايتن کان آگاهه ڪندي چيو ته ضلعي جي سطح تي يونين ڪائونسل وائز فوميگيشن پلان تيار ڪري فوراً عملدرآمد شروع ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته سڀ اسسٽنٽ ڪمشنر، ميونسپل آفيسر ۽ هيلٿ ٽيمون پاڻ ۾ لاڳاپو رکندي روزاني بنياد تي ڊينگي جي خاتمي لاءِ ڪارروائيون يقيني بڻائن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.