ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ 11 ارب 33 ڪروڙ رپين جا ٺيڪا ٽينڊر کانسواءِ ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪي ڊي اي جي ڪنسلٽينسي ٺيڪن ۾ گهوٻين تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ڄام خان شورو گڏيل طور تي جاچ ڪندا. سنڌ ڪنٽريڪٽرز ايسوسيئيشن جي شڪايت ۾ چيو ويو ته ڪريم آباد انڊر پاس منصوبي جي لاڳت 700 ملين کان وڌي 3 هزار 810 ملين ڪئي وئي. ڪي ڊي اي منصوبو پراڻن اگهن تي ڏو، بعد ۾ غيرقانوني طور تي نوان اگهه لڳايا، منصوبو رد ڪرڻ بدران پراڻا ٽينڊر جاري رکڻ ڳنڀير ڀڃڪڙي آهي.