لاهور (بيورو) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته رضوي ڀائرن جي گرفتاري انساني جانين جي تحفظ تي ڪرڻي آهي ۽ ٻنهي کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته مذهبي جماعت جي احتجاج ۾ پوليس اهلڪارن تي تشدد، باهه لڳائڻ ۽ عمارتن کي نقصان پهچايو ويو. عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت انتهاپسندي خلاف سخت قدم کڻي رهي آهي ۽ بنا لائسنس هٿيارن تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ئي انتهاپسند جماعت جي تقدير جو فيصلو ڪندي. هي ٻيهر ڪوشش ڪندا ته کين صلاح آهي ته نه ڪريو، اوهان رياست سان نٿا وڙهي سگهو. مارڪيٽ بند ڪرائڻ، ٽرانسپورٽ روڪڻ جي ڪوشش تي دهشتگردي جا ڪيس ٿيندا.