ڪراچي (رپورٽر) خيبر پختونخواهه حڪومت جي انڪار تي بلوچستان کانپوءِ سنڌ حڪومت به وفاقي حڪومت کان بلٽ پروف گاڏيون گهري ورتيون. صوبائي گهرو کاتي طرفان وفاقي حڪومت کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪي پي حڪومت جي انڪار کانپوءِ اهي گاڏيون سنڌ کي فراهم ڪيون وڃن. خط ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي مهمانن، وي وي آءِ پيز ۽ معزز شخصيتن جي سيڪيورٽي لاءِ گاڏين جي ضرورت هوندي آهي، صوبي ۾ اڳواٽ سيڪيورٽي قدمن لاءِ بلٽ پروف گاڏين جي سخت ضرورت آهي. وفاق ٽئي بلٽ پروف گاڏيون بلوچستان کي ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي.