نواز شريف ايڪسٽينشن مخالف، آرمي چيف جي تبديلي جون ڳالهيون؟

ڪراچي (شڪيل نائچ) آرمي چيف جي ملازمت جو مدو 29 نومبر تي پورو ٿيڻو آهي. 26هين ترميم تحت ججن جي ملازمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن ته آيو هو پر آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ واري معاملي کي پاسي رکيو ويو. ڪجهه ماڻهن موجب آرمي چيف جي 29 نومبر تي وڌيڪ 5 سالن لاءِ مقرري ٿيندي پر ٻيا چون ٿا ته مقرري جي نوٽيفڪيشن ۾ ترميم ڪئي ويندي جنهن سان آرمي چيف 2027 تائين رهندو. ڪجهه ڌرين موجب نئين ترميم تحت نئون آرمي چيف مقرر ٿيندو. نواز شريف جي تاريخ رهي آهي ته هو ڪنهن کي ايڪسٽينشن ناهي ڏيندو. جيڪڏهن موجوده آرمي چيف کي ايڪسٽينشن نه ملي ته پوءِ ذريعن موجب سينارٽي لسٽ موجب ٻئي يا ٽئين نمبر تي موجود جنرل کي آرمي چيف بڻايو ويندو. ان لاءِ نواز شريف پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف کي هدايت ڏيندو. نئون آرمي چيف آيو ته اچي پنهنجي پاليسي لاڳو ڪندو جيڪا ٿي سگهي ٿو نرم هجي ۽ پي ٽي آءِ کي به ڪو سياسي فائدو ملي وڃي يا وري نئون آرمي  چيف به موجوده پاليسي کي جاري رکي. پي ٽي آءِ جي ڪوشش هوندي ته نئون آرمي چيف عام چونڊون ڪرائي، ان سان پي ٽي آءِ کٽي ويندي. اها صورتحال 15 نومبر تائين واضح ٿي ويندي. ذريعن موجب نوٽيفڪيشن ۾ تبديلي ڪئي ويندي جنهن سان آرمي چيف 2027 تائين رهندو. نواز شريف موجوده آرمي چيف کي 26هين آئيني ترميم تحت 2027 تائين برقرار رهڻ تي راضي آهي، ان کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو. ڏسڻو پوندو ته ڇا حڪمران اتحاد ۽ اسٽيبلشميٽ ۾ ويڇا وڌن ٿا، عمران خان کي رليف ملي ٿو يا باب بند ٿئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.